رضوي سيد علي مدد شاهه

رضوي، سيد علي مدد شاهه: روهڙي جو ناميارو مرثيه گو شاعر ۽ مشاهير سيد علي مدد شاهه عرف مير يعقوب علي شاهه (رابع) ولد سيد حيدر علي شاهه عرف مير صادق علي شاهه (ثالث) پنهنجي وقت جو وڏو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. والد جي وفات کانپوءِ ’ڪوٽائي ساداتن‘ جو پڳدار مقرر ٿيو. سيد علي مدد شاهه ٻارهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري پنهنجي خاندان جو هڪ مختصر تذڪرو تذڪره مير يعقوب علي خان‘ جي نالي سان فارسي زبان ۾ مرتب ڪيو. هن کي عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو. اڪثر پنهنجي نالي سان گڏ بنده آل عبا لکندو هو. هن جي وفات جي صحيح تاريخ ڪانه ٿي ملي. پنهنجي خانداني قبرستان ’درگاهه نواب مير دولهه‘ ۾ دفن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو